علامه شهنشاهه حسين نقوي

علامه شهنشاهه حسين نقوي

شهنشاهه حسين نقوي علامه

شهنشاهه حسين نقوي، علامه: سنڌ جي نامور عالم، شاعر ۽ اسڪالر علامه سيد شهنشاهه حسين نقوي، سيد عابد حسين نقويءَ جي گهر ۾، 1 جنوري 1973ع تي پيدا ٿيو. هن جو جنم خيرپور ميرس ۾ ٿيو، جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ هو ايران جي شهر قم جي ديني مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ علامه شهنشاهه حسين تبليغ ۽ خطابت شروع ڪئي، ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائين، جن مان ان وقت ’تهذيب زندگي‘ تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن جا هن وقت تائين 12 ڇاپا اچي چڪا آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ علامه صاحب اسلام ۽ سياست تي مختلف ديني مدرسن، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا تي ليڪچر ڏيڻ لڳو. ان کان سواءِ حضرت امام حسين عليه السلام جي مجلسن ۾ خطابت پڻ ڪندو آهي. هن سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شهر کانسواءِ عراق، ايران شام، ابوظهبي، شارجا ۽ دبئيءَ ۾ پڻ مجلسون پڙهيون. کيس عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي چڱو خاصو عبور حاصل آهي.
علامه سيد شهنشاهه حسين نقوي ڪيترن ئي ديني مدرسن ۽ تعليمي ادارن جو باني آهي، جن ۾ ‘جامعيه عربيه سلطان المدارس خيرپورميرس’ (2005ع)، ’القائم ايجوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر ٽرسٽ‘ (2006)، ‘القائم ماڊل اسڪول خيرپور ميرس’، ‘القائم ماڊل اسڪول نوابشاهه’، ‘القائم ماڊل اسڪول لاڙڪاڻو’، ‘القائم هاسپيٽل حيدرآباد ’ ، ‘القائم بلڊ بئنڪ اينڊ پيٿالاجيڪل ليبارٽري، حيدرآباد ’ (2006) ۽ ‘جعفريه ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سيل ڪراچي’ (اين. جي. او) شامل آهن. ان کان سواءِ علامه صاحب ڪيترن ئي ديني ۽ فلاحي ادارن جو اهم رڪن پڻ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب پاڪستان توڙي ايران ۽ عراق مان شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.01  عيسوي

علامه سيد شهنشاهه حسين نقوي، سيد عابد حسين نقويءَ جي گهر ۾، 1 جنوري 1973ع تي پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي ثاني
سيد علي محمد شاهه دائرائي
ابڙو احمد
جهان مخدوم سنڌي
طاهر القادري علامه ڊاڪٽر
سيد علي مڪي
نور محمد حسيني پتافي مولوي
ديبلي ابراهيم
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون